Waseem jamali

Waseem jamali Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Waseem jamali, Book shop, Tando Rahim khan, Tando Rahim Khan.

14/09/2023

13/05/2022
‏‎دنيا جو امير ترين ماڻهو بل گيٽس دڪان تان برگر وٺڻ لاءِ قطار ۾ بيٺو آهي ، اسان وٽ ٽڪي جيتري سماجي حيثيت رکندڙ ماڻهو به ...
07/08/2021

‏‎دنيا جو امير ترين ماڻهو بل گيٽس دڪان تان برگر وٺڻ لاءِ قطار ۾ بيٺو آهي ، اسان وٽ ٽڪي جيتري سماجي حيثيت رکندڙ ماڻهو به پاڙي ۾ ، ڪنهن آفيس ۾ ، ڪنهن دڪان تي ، ڪنهن محفل ۾ هلڪڙائپ ۽ شود پائي جا نوان مثال قائم ڪندا آهن.

مان حیران آهيان تهحیران ناهي ڪوئيايترا سارا ماڻهو آهنپر انسان ناهي ڪوئي۔😥
18/11/2020

مان حیران آهيان
ته
حیران ناهي ڪوئي
ايترا سارا ماڻهو آهن
پر انسان ناهي ڪوئي۔😥

‏ھي سنڌ ۾ ڇا ٿي رھيو آھي...؟؟
18/11/2020

‏ھي سنڌ ۾ ڇا ٿي رھيو آھي...؟؟

هڪ گدڙ گهمڻ نڪتو سڄو ڏينهن رلڻ کان پوء شام جو گهر لاء موٽندي رستو ڀلجي ويو. اچي هڪ ڳوٺ ڀرسان پهتو. هڪ ماري بندوق کنيو زم...
15/11/2020

هڪ گدڙ گهمڻ نڪتو سڄو ڏينهن رلڻ کان پوء شام جو گهر لاء موٽندي رستو ڀلجي ويو. اچي هڪ ڳوٺ ڀرسان پهتو.
هڪ ماري بندوق کنيو زمين گهميو پئي؛ تنهن جي گدڙ تي نظر پئجي وئي. ڀري دونالي ڌوڙيو ڏنائيس.
گدڙ اچي پٽ تي پيو. سوچيائين ته جي اٿي ڀڄندس ته وري بندوق هڻندو؛ سو مڪر ڪري مري پيو.
ماري بندوق کنيو گدڙ مٿان اچي بيٺو ته هڪ همراهه آيو ۽ ماري کي چيائين ته گدڙ ماريو اٿئي ڇا؟
ماري چيو هائو روز ٻنيون لتاڙي ويندو هو اڄ نيٺ مارجي ويو.
همراهه چيس ته يار مونکي حڪيم چيو هو ڪنهن گدڙ جون ٻه ٽنگون کڻي اچ ته دوا ٺاهي ڏيائين. سو قرب ڪر؛
ماري چيس ها ها ڪو مسئلو آ ڇا وڍيس ٻه ٽنگون.
گدڙ کي خيال آيو ته اٿي ڀڄندس ته بندوق هڻندا ڀلا ٻه ٽنگون وينديون جان ته بچي ويندي.
ٽنگون ڪپجي ويس پيو ئي هو ته مٿان ٻيو همراهه آيو چيائين يار وارو ڪر گدڙ جو پڇ مونکي ڏي ڪم ۾ آهي.
گدڙ چيو پڇ ڪهڙي ڪم جو آ ڀلي وڍي وڃي.
ڏي مٿان ٽيون همراهه آيو اچي ماري کي چيائين ته ادا حڪيم چيو هو گدڙ جو مغز آڻ ته دوا ٺاهي ڏيائين.

گدڙ سوچيو اوهيو ٿئي؛ ڪڃرن جي ملڪ ۾ آياسين دوا ٿي وياسين...

لطيفي سمجهاڻي.. ٿل ڪينال؛ زمينون؛ گيس؛ ٿر ڪول؛ وسيلا هڪ هڪ ٿي سڀني تي جدوجهد ماٺي ٿيندي وئي؛ هاڻي ڪارونجهر جبل به پٽيون ٿا وڃن پر اسان وٽ اڃان گدڙ وارا ڪن اکيون ۽ نڪ آهي. جڏهن دوا ٿيون صفا.

✌️✌️

آئون سنڌ ڄائي هوا جي نياڻي آهيان منهنجي عمر ست سال آهي ها ست سالن سان ياد آيو تہآئون ست قرآن بہ آهيانبابا مونکي پيار مان...
13/11/2020

آئون سنڌ ڄائي هوا جي نياڻي آهيان
منهنجي عمر ست سال آهي
ها ست سالن سان ياد آيو تہ
آئون ست قرآن بہ آهيان
بابا مونکي پيار مان عليشا چئي سڏيندو آهي
امان جي بہ لاڏلي آهيان
مونکي تڪليف ۾ ڏسي امان پنهنجي تڪليفون وساري ويهندي آهي
منهنجي روئڻ سان امان جا سڏڪا اڀ کي چيري ڇڏيندا آهن
منهنجون ڪيهون وس وارن تائين بہ ضرور پهتيون هونديون
بيوسي مان ڪيل ڪوڪون ڪنهن تہ ڪنايون هونديون
پڪ سان صدائون ستن آسمانن کي چيري ان تائين بہ پهتيون هونديون جنهنجو نالو رب العٰلمين بہ آهي تہ واحدالقهار بہ آهي
پو ان جو قهر ڇو ڪونہ ٿو نازل ٿي
مونکي لڳي ٿو منهنجا سڏڪا ڪنهن ڪنن تائين ناهن پهتا
جي پهتا آهن تہ مونسان گڏ روئن ڇو نٿا
ها پر اهي ڇو روئن تڪليف تہ مون سٺي آهي درندن جسم تہ منهنجو نوچيو آهي
اهي ڇو روئن منهنجي روئڻ سان هنن جو وڃي ڇا ؟
ها هنن جو وڃي بہ ڇا
منهنجي ننڍڙي عمر سان
منهنجي ٻالڪ پڻ سان
منهنجي دانهن ڪوڪن سڏڪن سان
او سنڌ واسيو او قانون جا ٺيڪيدارئو او انڌا ٻوڙا ڪارين جرسين وارئو
ڇا اوهان جي گهر ۾ مون جيتريون ننڍڙيون عليشائون ناهن
جي ناهن تہ پو اوهان تي ميار ناهي
جي آهن تہ مونسان انصاف ڪيو
يا چئو پنهنجي خدا کي نياڻيون پيدا ڪرڻ بند ڪري نہ تہ
مون جهڙيون الائي ڪيتريون عليشائون بگهڙ کائي ويندا😭😭😭

سوشل ميڊيا جو ڪمال ـ اسلام آباد ۾ عورت سان نازيبا حرڪت ڪندڙ بينڪ مينيجر گرفتار ۽ نوڪري تان به ڊسمس واضع رهي ته اسٽيٽ بين...
10/11/2020

سوشل ميڊيا جو ڪمال ـ اسلام آباد ۾ عورت سان نازيبا حرڪت ڪندڙ بينڪ مينيجر گرفتار ۽ نوڪري تان به ڊسمس واضع رهي ته اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي رول مطابق هاڻي انهيءَ شخص کي ڪنهن به سرڪاري يا نجي بينڪ ۾ ڊيوٽي نٿي ملي سگهي..

Address

Tando Rahim Khan
Tando Rahim Khan
WASEEM

Telephone

+923483157800

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Waseem jamali posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category