01/12/2023
اعلانيو
سنڌي ماڻھن مٿان اھو الزام اجايو آھي تہ پڙھن ڪونہ ٿا. ڇا ڪونہ ٿا پڙھن؟ ادب، سائنس، فلسفو ۽ سياست ڪونہ ٿا پڙھن. جي ڪونہ ٿا پڙھن تہ پوءِ ھي ھيڏا ادبي ڪتابن جا ڪمرشل ڇپائيءَ جا ادارا ڪيئن ٿا ھلن؟ ڇو ٿا ڇپائيءَ جا ادارا ڏينھون ڏينھن وڌندا وڃن؟ يونيورسٽين، وڏن شھرن، ڏورانهن شھرن ۾ بہ ڪيئن ٿا ڪتابن جا ميلا رَچن. سوشل ميڊيا ڏِسجي تہ سنڌي پڙھندڙن سان ڀري پيئي آھي. اھو سڀ ڇا آھي؟ ان مان ڪٿي ٿو لڳي تہ سنڌي ماڻھو نٿا پڙھن.
سنڌي ماڻھو پڙھن ٿا ڏيھي ادب سان گڏوگڏ عالمي ادب جا شاھڪار ڪتاب ڳولي ڳولي پڙھن ٿا. نوجوانن ۾ پڙھڻ جي بُک وڌيڪ آھي، نوجوانن ۾ وڌيڪ لکڻ ۽ ڌارين لکڻين کي سھڻو سنڌي وڳو پھرائڻ جو ڏانءُ بہ اچي ويو آھي. سنڌي سماج ۾ ادب تيزيءَ سان پنھنجو جادو ڏَسي رھيو آھي.
سنڌي سماج ۾ تيزي سان مختلف شعبن ۽ مختلف موضوعن تي ڪتاب اچي رھيا آھن ۽ وڪامي بہ رھيا آھن. پڙھندڙ ڇا ٿو پڙھڻ چاھي اھو ان تي ڇڏي ڏيو.
اسان جي ڪوشش آھي تہ عالمي ادب جون مشھور لکڻيون سنڌي ويس ۾ آڻيون. ھي ڪتابُ ميڪسيڪن ليکڪ ڊان ميگوئل روئيز جي ٽالٽڪ روايتن واري علمي سلسلي مان مشھور ڪتاب "Four Agreements" جو سنڌي ترجمو سردار ٻرڙي ڪيو آھي. ان کان اڳ سندس ٽي ترجما ڪتاب ڇپجي چڪا آھن. ھِتي (ايشيا سميت سموري دنيا ۾ پڻ) رومي، ٻُڌ، شيخ سعدي، ڀڳتي روايتن سميت وتايي فقير جي ڏنل فلسفہِ حيات ۽ ٻين کوڙ سارن روحاني، روايتي، ثقافتي علمن ۽ ڏاھپن تي بہ جَھجھو ڪم ٿيو آھي. اھڙيون روحاني ۽ انفرادي روايتون جن روحاني علم، ڏاھپ ذريعي سماجي خاڪا تشڪيل ٿي ڏنا تِن جي عالمي افاديت ڪھڙي آھي ۽ دنيا جي ٻين خطن ۾ اھڙيون روايتون ڪيئن ھيون، اچو تہ ٽالٽڪ جي ڏاھپ جو اڀياس ڪريون ۽ ٽالٽيڪي ڏاھپ کي سمجھون.
موکي پنھنجي وِتَ ۽ وَسَ آھَر سنڌ ۾ جديد ۽ آڳاٽن فڪرن جي پکيڙ لاءِ ڪوشان آھي. اميد ڪجي ٿي تہ سنڌي ڪتابن جي ڇاپ ۾ ھڪ کان ھڪ سٺا معياري ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويندا.
(ادارو)
For More Info/Order
What's app 03237092639