Sindh Publishers

Sindh Publishers Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Sindh Publishers, Book shop, Karachi.

حيدر آباد خالد جوڳيضراب حيدر کي سڀ کان پهرئين عبرت ميگزين ۾ انهن ڏينهن ۾ پڙهيو هو . جڏهن هن جي آتم ڪٿا زندگي جو سفر تون ...
23/02/2020

حيدر آباد
خالد جوڳي
ضراب حيدر کي سڀ کان پهرئين عبرت ميگزين ۾ انهن ڏينهن ۾ پڙهيو هو . جڏهن هن جي آتم ڪٿا زندگي جو سفر تون ۽ مان جون قسطون ڇپبيون هيون. هاڻ وري هن جي ڪتاب ۾ جڏهن پنهنجي پاران وارا چار پنا پڙهيم تـ اها ئي خوشبو اهو ئي احساس وري محسوس ٿيو.
اڄ هن جو تازو آيل ڪتاب ”حيدر آباد” پڙهي پورو ڪيو اٿم .هن ڪتاب جو مهاڳ طارق قريشي لکيو آهي. جيڪو تفصيلي مهاڳ آهي. جنهن ۾ ڪهاڻي جي ٽيڪنڪ تي بـ ڳالهايو ويو آهي. هن لئـ طارق لکيو آهي. اها هن جي ۽ طارق جي مرضي.
پاڻ اچون ٿا سڌو هن جي تازي آيل ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي حيدر آباد تي جيئن تـ نالي مان ئي ظاهر آهي تـ هي ڪهاڻي حيدر آباد شهر پسمنظر ۾ لکيل آهي. هن ڪهاڻي ۾ ورهاڱي ۾ ٿيل لڏ پلاڻ جا اثر آهي. هن ڪهاڻي جو هڪڙو ڪردار دوست محمد آهي جيڪو ڪنواٽي سان پاڻي ڀري ٿو. جيڪو روز ٿورو پاڻي بچائي کڻي اچي. هوش محمد شيدي جي قبر تي ڇٽڪار ڪري ٿو ۽ اگر بتيون جلائي ٿو. ڪهاڻي ڏاڍي سٺي آهي . پر هن ۾ اهو چيو وڃي ٿو تـ هوش محمد کي ستن توفن جي سلامي ڏئي انگريز انهي قلعي ۾ دفن ڪيو هو . هن مٿان هڪ توف بـ رکي هئي .ڇا اهين ممڪن آهي. ڪو ڌاريون قبضي کور ڪنهن وطن پرست لئـ اهين ڪري. هوش محمد وڙهيو ميرپور ۾ برحال اهو تاريخ جو اڻ نبريل موضوع آهي. پوئي وري کوکلا نعارا لڳن ٿا. اها هڪڙي حقيقت آهي. انهن نعارن سان قلعي جي سر سر ڀري ٿي.
ٻي ڪهاڻي نما شام جسم لشڪر شاه جي ميلي جا منظر موت جو کوه کدڙا ۽ نچڻيون . انهي ڪهاڻي ۾ انهي پوڙهي نچڻي جو ذڪر بـ آهي جنهن جو جسم ڪير نٿو وٺي . پر هن جو مرڪزي ڪردار کدڙو آهي. هيڪر مونکي اهين لڳو تـ اها ڪهاڻي انهي گهر جي آس پاس گهمندي جنهن گهر ۾ کدڙي جو جنم ٿئي ٿو. انهي جي ماءِ انهي ۾ ڪيئن ڀوڳي ٿي. انهي جو پيءِ ڇا محسوس ڪري ٿو. سماج انهي کي ڪيئن ڏسي ٿو . اهو پاسو آهي سهي پر ايترو گهرو ۽ اثرائتو ناهي ٿي سگهيو ڪهاڻي وري ميلي ۾ هلي وئي.
منڇر جي نالي واري ڪهاڻي ۾ سچيڏني کي جيڪا ڇوڪري پيش ڪئي وئي. اها اين جي او وارن ڪئي. انهي ۾ اين جي او ڪم ڪندڙ سڀني ڇوڪرين کي بـ ٿورو رهڙو اچي ويو آهي. جيڪو سنڌي عورت لئـٺيڪ ناهي ۽ ٻي ڳاله ڇا اين جي او ڪم ڪندڙ عورتون اهين پيش ٿينديون آهن ڇا.
طالبان ، هن ڪتاب ۾ اها ڪهاڻي صفا ڀلي آهي. افغان جنگ جي پسمنظر ۾ بـ آهي. خاص ڪري جيڪي مجاهد جبل تي چڙهن ٿا. انهن جي عورت جي پيڙا آهي. لسڙا ڇوڪرا رکندڙ اهي پٺاڻ پنهنجي گهر وارين سان بـ اهين جنسي لاڳاپا رکندا آهن. هم جنس پرستي وارو پاسو بـ آهي.
رهجي ويل ٽائيٽانڪ لمحو واري ڪهاڻي ڀلي آهي. هو ماروي هاسٽل جي گيٽ تي اچي انهي ملحي ۾ بيه رهي ٿو . جتي هو ڪڏهن پنهنجي محبوبا لئـ بيٺو هو ۽ هاڻ وري پنهنجي ڌيءِ لئـ اچي بيهـ رهيو آهي. بس رشتو تبديل ٿيو آهي. ڏاڍي سٺي ڪهاڻي ۽ بهادري سان لکيل آهي.
هڪ غريب دور جو امير ڪهاڻيڪار هڪري اهڙي ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻي آهي جيڪو پنهنجون ڪهاڻيون ۽ ڪالم وڪڻي ٿو. جنهن محلي ۾ رهي ٿو اتي مشڪوڪ لڳي ٿو. اها ڪهاڻي ڀلي آهي پر هن جو ڪلائيميڪس ايڏو ڇرڪائيندڙ ناهي.
هن ڪتاب کي تازو ايوارڊ بـ مليو آهي. ڏاڍو سٺو ڪتاب آهي پڙهڻ کپجي. هن ڪتاب تي جنس وڌيڪ اثر انداز آهي شايد جنس اسان جي سماج جو اهم مسئلو آهي. هن ۾ هم جنس پرستي. جنسي محرومي جنسي بيماري کدڙا لڳ ڀڳ جنس کي ڪور ڪيو ويو آهي.
مانڌل جڏهن ب ننڍي رئيس کان شلوار ميري ڪرائيندو هو ته اهائي سلوا لڪ ڇپ ۾ ڌورائيندو به ننڍي رئيس جي گهر واري کان هو.
ميلي جي مستين ۾ هوندي به هومانڌل جي سلوار جي پانچي مان نڪري نه سگهيو هو.
هومانڌل جي پانچي ۾ اٽڪيل هو اڳٺ تائين پهچي نه سگهيو هو
منڇر مصلي جيئن وڇائي پئي هئي
منڇر جو پاڻي ڇلڪي رهيو . انهن جو آواز جماعتن جي پڙ جي ماتم جهڙو هو.
نوري اسان مهاڻن جي ڏاڏي حوا به هئي.
جي منڇر ئي ميري ٿي پوي ته پوءِ
سنگيت ظاهر ٿي ته منهنجون اکيون ڄڻ ڪلر بلائينڊ ٿي ويون.

مادري ٻوليءَ جي ڏينهن تي سنڌي مٺڙي ٻوليءَ کي سُوکڙي                 ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سڀ کان اڳ ۾ اوهان کي مادري ٻوليءَ ج...
23/02/2020

مادري ٻوليءَ جي ڏينهن تي سنڌي مٺڙي ٻوليءَ کي سُوکڙي

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

سڀ کان اڳ ۾ اوهان کي مادري ٻوليءَ جو ڏينهن مبارڪ هُجي.

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪراچيءَ پاران مادري ٻوليءَ جي عالمي ڏينهن جي مناست سان گذريل سال سنڌي مادري ٻوليءَ تي هڪ سيمينار ڪرايو ويو هو، جنهن ۾ ملڪ جي ناميارين شخصيتن ان حوالي سان مقالا پڙهيا هئا.

اسان انهن مقالن کي سهيڙي ۽ ڪجهه ٻيو مواد شامل ڪري “ سنڌي مادري ٻولي” نالي سان ڪتاب شايع ڪري سنڌ واسين کي اڄوڪي مادري ٻولين جي ڏينهن تي سُوکڙيءَ طور پيش ڪريون ٿا.
سنڌي مادري ٻولي ڪتاب جي پهرين ڪاپي هڪ بهادر ۽ جاکوڙي ماءُ ۽ سنڌ جي سورمئ ڪامريڊ ادي حميده گهانگهرو کي پيش ڪيم، جنهن جون شاگردن، هارين ۽ مزدورن جي حقن جي حاصل ڪرڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ تمام گهڻيون خدمتون آهن.
ڪتاب جي تفصيل کان اڳ ۾ مادري ٻوليءَ بابت ڪجهه ويچار اوهان جي خدمت ۾ حاضر آهن.



هونءَ ته هر ڏينهن پنهنجيءَ ٻوليءَ جو ڏينهن آهي پر فيبروريءَ جي مهيني ۾ خاص ڪري مادري ٻوليءَ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته 21هين فيبروريءَ کي مادري ٻوليءَ جو عالمي ڏينهن مقرر ڪيو ويو آهي. سڄيءَ دنيا جا ماڻهو ان ڏينهن تي پنهنجيءَ ماءُ ۽ ڌرتيءَ جي ٻوليءَ بابت ميڙاڪا ڪندا آهن.

مادري ٻوليءَ جي معنيٰ امڙ جي ٻولي آهي پر ان لفظ ۾ ڪجهه وڌيڪ سگهه پيدا ٿي وئي آهي. ان جي مفهوم ۾ ڪجهه واڌارا ٿي ويا آهن. هاڻي ان جو مطلب ڌرتيءَ جي ٻولي، ڌرتيءَ جي اصل رهاڪن ۽ وارثن جي ٻولي ڪڍيو وڃي ٿو. ڌرتيءَ جي قديم ۽ اصل رهاڪن جي ٻوليءَ کي بعد ۾ ٻاهران ايندڙ نمڪ حلالي رهواسي به پنهنجي ٻولي/مادري ٻولي ڪري قبول ڪندا آهن.

ان حوالي سان سنڌ ۾ لکين ماڻهن جا مثال موجود آهن، گهرن ۾ سرائڪي، بلوچي وغيره ڳالهائيندڙ هن ڌرتيءَ جي ٻوليءَ کي پنهنجي مادري ٻوليءَ جو درجو ڏين ٿا. هو لکن پڙهن به سنڌيءَ ۾ ٿا ته نثر توڙي نظم۾ تخليقون به سنڌيءَ ۾ ڪن ٿا . اهڙن تخليقڪارن جا به سوين مثال موجود آهن. هِتي رڳو هڪ مثال سگهڙ محمد اسماعيل پهوڙ جو پيش ڪريان ٿو، جنهن جي مادري ٻولي ته سرائيڪي آهي پر سندس سموريون تخليقون سنڌيءَ ۾ آهن . اهڙيءَ ريت سرائڪيءَ ۽ ٻين ٻولين ۾ به اسان جي شاعرن شاعري ڪئي آهي. پر مرڪزي حيثيت سنڌي ٻوليءَ کي ڏني اٿن.

سنڌي ٻولي هزارين سال قديم آهي. ان ۾ تمام گهڻي سگهه آهي. اهو ئي سبب آهي ته تعليم جو ميڊيم به آهي. جيڪڏهن ان ۾ ايتري گهرائي نه هجي ها ته پرائمريءَ کان يوينورسٽيءَ تائين تعليمي ۽ تدريسي ذريعو نه بڻجي سگهي ها.



هن وقت سنڌي ميڊيا به وڏي پيماني تي آهي. تنهن هوندي به سنڌي ٻوليءَ ۾ بگاڙ ايندو پيو وڃي ۽ ان جي ترقيءَ جي رفتار تمام گهڻي سست آهي. آخر ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ اچو ته ان سلسلي ۾ ويچار ونڊيون .

1. منهنجي خيال ۾ وڏي ۾ وڏو سبب سنڌي ٻوليءَ جو غير موثر تعليمي نظام آهي.

2. ميڊيا ۽ ادب جو اوج انتهائي ضروري آهي پر ادب تڏهن لکي ۽ پڙهي سگهبو، جڏهن ان ٻوليءَ جي تعليم هوندي. جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي تعليم نه هوندي ته ڪابه اخبار ۽ سوشل ميڊيا تي تحرير نه پڙهي سگهبي ۽ نه لکي سگهبي . جڏهن پڙهڻ وارا نه هوندا ته سنڌي چينل ڏسڻ وارا به گهٽجي ويندا.

3. ڪراچيءَ ۾ گجراتي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. هوريان هوريان سنڌ مدرسي، اين جي ويءَ ۽ ٻين ادارن مان گجراتي ٻوليءَ جي تدريس ختم ٿي ته گهرن مان به گجراتي وئي. وڏڙن کي شايد گجراتي ايندي هجي پر گجراتين جي نئين نسل کي گجراتي نه ٿي اچي.

4. اهڙيءَ ريت سنڌي ٻوليءَ سان به ڪراچيءَ ۾ ائين ٿيو آهي. هتي ان سلسلي ۾ ٻه مثال ڏيان ٿو. 1. شيخ عبدالحليم جوش سنڌي ٻوليءَ جو نالي وارو شاعر ۽ اديب آهي. هاڻي هن جا سمورا وارث سنڌي نه ٿا ڳالهائن 2. عثمان علي انصاري شاهه ۽ سچل جو پارکو هو. هن شاهه ۽ سچل جا رسالا تربيت ڏنا آهن، سندس خاندان مان غزالا رفيق پي ٽي ويءَ جي سنڌي ڊرامن جي هيروئن هئي پر هن وقت انهن جي پونيرن مان ڪوبه سنڌي نه ٿو ڳالهائي.

5. سنڌي ٻوليءَ جي تعليم سنڌ جي سمورن سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ رائج آهي. سنڌي ٻولي ايڪٽ، ڪيترائي اسيمبلي ٺهراءَ، پڌرناما ۽ سرڪاري حڪم به موجود آهن پر معيار ۽ عمل جو وڏو مسئلو آهي.

6. معيار ۽ عمل کان سواءِ خاص ڪري انٽرميڊئيٽ بورڊ ڪراچيءَ ۾ سنڌي مضمون پڙهڻ تي رڪاوٽون آهن.

7. ڪجهه سرڪاري يونيورسٽيون سنڌي ٻوليءَ کي تسليم ئي نه ٿيون ڪن.

8. پرائيويٽ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون حڪومت جو حڪم نه ٿيون مڃن. سرڪاري ادارن تي سنڌ حڪومت سختي نه ٿي ڪري.

9. فيس بڪ تي غلط سنڌي لکڻ ۽ ميڊيا تي صحيح سنڌي نه ڳالهائڻ جو وڏو سبب سنڌي ٻوليءَ جي مناسب تعليم نه هجڻ آهي.

10. سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ئي وڏو وسيلو آهي.

دنيا جي سمورين وڏين ۽ قديم ٻولين کي تعليم وسيلي ئي بچايو ويو آهي. ان سلسلي ۾ اسان وٽ عربي ٻوليءَ جو وڏو مثال موجود آهي. پندرهن سئو سال اڳ قرآن شريف ۾ آيل عربي ٻوليءَ کي جيئن جو تيئن تعليم ذريعي ئي اڳتي وڌايو پيو وڃي. مدرسن کان سواءِ جديد تعليمي ادارن ۾ عربيءَ جي تعليم ان جي ترقيءَ جو وڏو وسيلو آهي.

سنڌي شعبن قائم ڪرائڻ ۽ عملي اُپائن وٺڻ ۽ وٺرائڻ لاءِ زوردار تحريڪ جي ضرورت آهي. ٻيءَ صُورت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تباهي وڌندي ويندي .

سِگا پاران شايع ڪيل ڪتاب ۾ جن عالمن، اديبن ۽ محققن جا مقالا شامل آهن، انهن ۾ مهتاب اڪبر راشدي ، ڊاڪٽر فهميده حسين، پروفيسر محمد سليم ميمڻ، ڊاڪٽر آفتاب ابڙو، پروفيسر خالد حسين چنو، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ، مختيار احمد ملاح، ڊاڪٽر قاسم راڄپر، ڊاڪٽر جعفر احمد ۽ رمضان بلوچ شامل آهن. ڪتاب ٽن حصن تي ٻڌل آهن، جن ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڀاڱو شامل آهي. مادري ٻوليءَ جي اهميت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف مسئلن تي تحقيقي ۽ عالماڻي انداز ۾ لکيو ويو آهي. ڪتاب جي ترتيب مون ڏني آهي. مهاڳ ۽ مقالي نگارن جو تعارف به لکيو اٿم. سنڌي مادري ٻوليءَ جي موضوع تي هڪ منفرد ڪتاب آهي.

نصيرآباد ادبي ميلوـ21-23 فيبروري 20صحافت جي دنيا جو بيباڪ ڪردار ـجنھن جو قلم ـ مظلوم جو آواز بڻيوـپيڪاڪ جي موتين ۾ ھڪ نا...
23/02/2020

نصيرآباد ادبي ميلوـ21-23 فيبروري 20
صحافت جي دنيا جو بيباڪ ڪردار ـ
جنھن جو قلم ـ مظلوم جو آواز بڻيوـ
پيڪاڪ جي موتين ۾ ھڪ ناياب اضافو ـ
پيڪاڪ پاران شايع ٿيل نئون ڪتاب

Best books for          سنڌي ادب جي تاريخ بابت اهم ڪتاب.
23/02/2020

Best books for
سنڌي ادب جي تاريخ بابت اهم ڪتاب.

Address

Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh Publishers posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category