23/02/2020
حيدر آباد
خالد جوڳي
ضراب حيدر کي سڀ کان پهرئين عبرت ميگزين ۾ انهن ڏينهن ۾ پڙهيو هو . جڏهن هن جي آتم ڪٿا زندگي جو سفر تون ۽ مان جون قسطون ڇپبيون هيون. هاڻ وري هن جي ڪتاب ۾ جڏهن پنهنجي پاران وارا چار پنا پڙهيم تـ اها ئي خوشبو اهو ئي احساس وري محسوس ٿيو.
اڄ هن جو تازو آيل ڪتاب ”حيدر آباد” پڙهي پورو ڪيو اٿم .هن ڪتاب جو مهاڳ طارق قريشي لکيو آهي. جيڪو تفصيلي مهاڳ آهي. جنهن ۾ ڪهاڻي جي ٽيڪنڪ تي بـ ڳالهايو ويو آهي. هن لئـ طارق لکيو آهي. اها هن جي ۽ طارق جي مرضي.
پاڻ اچون ٿا سڌو هن جي تازي آيل ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي حيدر آباد تي جيئن تـ نالي مان ئي ظاهر آهي تـ هي ڪهاڻي حيدر آباد شهر پسمنظر ۾ لکيل آهي. هن ڪهاڻي ۾ ورهاڱي ۾ ٿيل لڏ پلاڻ جا اثر آهي. هن ڪهاڻي جو هڪڙو ڪردار دوست محمد آهي جيڪو ڪنواٽي سان پاڻي ڀري ٿو. جيڪو روز ٿورو پاڻي بچائي کڻي اچي. هوش محمد شيدي جي قبر تي ڇٽڪار ڪري ٿو ۽ اگر بتيون جلائي ٿو. ڪهاڻي ڏاڍي سٺي آهي . پر هن ۾ اهو چيو وڃي ٿو تـ هوش محمد کي ستن توفن جي سلامي ڏئي انگريز انهي قلعي ۾ دفن ڪيو هو . هن مٿان هڪ توف بـ رکي هئي .ڇا اهين ممڪن آهي. ڪو ڌاريون قبضي کور ڪنهن وطن پرست لئـ اهين ڪري. هوش محمد وڙهيو ميرپور ۾ برحال اهو تاريخ جو اڻ نبريل موضوع آهي. پوئي وري کوکلا نعارا لڳن ٿا. اها هڪڙي حقيقت آهي. انهن نعارن سان قلعي جي سر سر ڀري ٿي.
ٻي ڪهاڻي نما شام جسم لشڪر شاه جي ميلي جا منظر موت جو کوه کدڙا ۽ نچڻيون . انهي ڪهاڻي ۾ انهي پوڙهي نچڻي جو ذڪر بـ آهي جنهن جو جسم ڪير نٿو وٺي . پر هن جو مرڪزي ڪردار کدڙو آهي. هيڪر مونکي اهين لڳو تـ اها ڪهاڻي انهي گهر جي آس پاس گهمندي جنهن گهر ۾ کدڙي جو جنم ٿئي ٿو. انهي جي ماءِ انهي ۾ ڪيئن ڀوڳي ٿي. انهي جو پيءِ ڇا محسوس ڪري ٿو. سماج انهي کي ڪيئن ڏسي ٿو . اهو پاسو آهي سهي پر ايترو گهرو ۽ اثرائتو ناهي ٿي سگهيو ڪهاڻي وري ميلي ۾ هلي وئي.
منڇر جي نالي واري ڪهاڻي ۾ سچيڏني کي جيڪا ڇوڪري پيش ڪئي وئي. اها اين جي او وارن ڪئي. انهي ۾ اين جي او ڪم ڪندڙ سڀني ڇوڪرين کي بـ ٿورو رهڙو اچي ويو آهي. جيڪو سنڌي عورت لئـٺيڪ ناهي ۽ ٻي ڳاله ڇا اين جي او ڪم ڪندڙ عورتون اهين پيش ٿينديون آهن ڇا.
طالبان ، هن ڪتاب ۾ اها ڪهاڻي صفا ڀلي آهي. افغان جنگ جي پسمنظر ۾ بـ آهي. خاص ڪري جيڪي مجاهد جبل تي چڙهن ٿا. انهن جي عورت جي پيڙا آهي. لسڙا ڇوڪرا رکندڙ اهي پٺاڻ پنهنجي گهر وارين سان بـ اهين جنسي لاڳاپا رکندا آهن. هم جنس پرستي وارو پاسو بـ آهي.
رهجي ويل ٽائيٽانڪ لمحو واري ڪهاڻي ڀلي آهي. هو ماروي هاسٽل جي گيٽ تي اچي انهي ملحي ۾ بيه رهي ٿو . جتي هو ڪڏهن پنهنجي محبوبا لئـ بيٺو هو ۽ هاڻ وري پنهنجي ڌيءِ لئـ اچي بيهـ رهيو آهي. بس رشتو تبديل ٿيو آهي. ڏاڍي سٺي ڪهاڻي ۽ بهادري سان لکيل آهي.
هڪ غريب دور جو امير ڪهاڻيڪار هڪري اهڙي ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻي آهي جيڪو پنهنجون ڪهاڻيون ۽ ڪالم وڪڻي ٿو. جنهن محلي ۾ رهي ٿو اتي مشڪوڪ لڳي ٿو. اها ڪهاڻي ڀلي آهي پر هن جو ڪلائيميڪس ايڏو ڇرڪائيندڙ ناهي.
هن ڪتاب کي تازو ايوارڊ بـ مليو آهي. ڏاڍو سٺو ڪتاب آهي پڙهڻ کپجي. هن ڪتاب تي جنس وڌيڪ اثر انداز آهي شايد جنس اسان جي سماج جو اهم مسئلو آهي. هن ۾ هم جنس پرستي. جنسي محرومي جنسي بيماري کدڙا لڳ ڀڳ جنس کي ڪور ڪيو ويو آهي.
مانڌل جڏهن ب ننڍي رئيس کان شلوار ميري ڪرائيندو هو ته اهائي سلوا لڪ ڇپ ۾ ڌورائيندو به ننڍي رئيس جي گهر واري کان هو.
ميلي جي مستين ۾ هوندي به هومانڌل جي سلوار جي پانچي مان نڪري نه سگهيو هو.
هومانڌل جي پانچي ۾ اٽڪيل هو اڳٺ تائين پهچي نه سگهيو هو
منڇر مصلي جيئن وڇائي پئي هئي
منڇر جو پاڻي ڇلڪي رهيو . انهن جو آواز جماعتن جي پڙ جي ماتم جهڙو هو.
نوري اسان مهاڻن جي ڏاڏي حوا به هئي.
جي منڇر ئي ميري ٿي پوي ته پوءِ
سنگيت ظاهر ٿي ته منهنجون اکيون ڄڻ ڪلر بلائينڊ ٿي ويون.