14/03/2022
هولي کان اڳ پرڻايل ڌي جو پنهجي ماءُ ڏي لکيل خط ...!!
سنڌي پرڳڻي ۽ سنڌو سڀيتا ۾ وهندڙ سنڌو ندي جي نظارن جھڙي منهجي جيجا اُميد ته سڀئي خُوش ھوندا..
پنھجي اباڻي اجھي کان گھڻو ڏُور گھاريندي ۽ تازو ئي وڇوڙي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي اوهان کان هيڪل پنهجو جيون گھاري رهي آھيان ,
هن پرمسرت شُڀ تھوار تي ضرور اوهانکي ياد ايندس پر اوهين به مجبُور آھيو ايترو ڪرايو ڪٿان آڻيندا جو مونکي هن گهڙين ۾ سڪون پذير ڏيرائي سگھو ,,
پاري نگر جي منظرن جھڙو منهجو ڳوٺ جنهن جي اجھورن ۽ پاساڙن ۾ لھندڙ سج جون الوداعي لوڏُون شام جو سُندرتا سروپ ۽ چاندني رات ۾ چمڪندڙ گهگهن جي گهير تي هُو بانورو چنڊ جيڪو منهجي ذھن تي ڪنهن پل ياد جا اهڙا ته آلاپ ڇيڙن ٿا سچ پچ منهجو روُح ٿر ٻاٻيھي جي ترشنا جيئن تڙپندو آھي ,,
مٺڙي ماءُ ...
تُنهجي ڪُک مان جنم وٺڻ کان پوءۡ منهجي ٻالڪپڻي زندگي کان وٺي تازو ڪُجھ ڏينهن اڳ چونئري جي چار ڦيرن تائين نم ٽارين سان سڻگهاريل اڱڻ جي پوترتا اوٽي تي منهجو جيون ڪيئن گُذريو بس اُھي گھڙيون ڄڻ تو مون کي ڏاج ۾ ڏئي پنهجي اڱڻ کان الگ ڪئي هُجي ,,
اي ماءُ ...
مُنهجي هر ياد پنهجي گهر ۾ پيل هوندي ۽ منهجي ڪچڙن هٿڙن سان راگيل ڀتون جنهن کي مون ٽوڀي جي چيڪي مٽي سان پوٿو ڏئي ڪيڏو نه سُندرتا بڻايو ,
پنھجي اوطاري جي ٻاهر ڀت تي ٺھيل مٽي جا ڪونگرا مُنهجي هٿن جون سبيل ٽُڪ جون رليون بس اهي ئي منهجي هٿ جو فن رکيل هوندو جيڪو اوهانکي منهجي ڪنهن پل ياد ضرور ڏياريندو هوندو ..
منھجي امان ...
هن ئي زندگي جي سودي ۾ مون لئه ڇا ڇا بدليو آھي بس اھي ڏينهن آئون پنهجي مقدر جو سڪندر بڻائي قسمت سان ڪچھيريون ڪندي آھيان ,
مُنهجن سيھلين سان گھاريل مُنهجو وقت بس اُھي ڏينهن ڪنهن وقت ياد ايندا آھن جنهن ڏينهن ۾ آئون سيھلين سان روُح رهاڻيون ڪندي هُيس رنڱين سينڍوڻي مٿي تي رکي هيل ڀرڻ لئه پند ڪندڙ منهجي زندگي جا ڏينهن اُھي کوھ ئي ساريندا جنهن کوهن تي سيھلين سان گڏ منهجا ٽھڪ به بھار مُند ۾ مورن جيان مڌ مست هوندا هُئا ڊيلن جي ڊُوڙين جيئن ٽلندڙ اسان جا ٽولا اُھي رستا ئي ساريندا جنهن رستن تي جڏھن ڳوٺ ۾ ڪٿي نئين ڪنوار پرڻجي ايندي هُئي ۽ اُن کي پھرين ڏينهن هيل کڻائي وک وک تي حجابن جا هڙئي پردا هٽائي ڌيمون ڌيمون مُرڪڻ تي مجبور ڪرڻ لئه اسان جو من ماندو رهندو هو ,
سرامڻ مھيني جي سُندر پلن کان وٺي ڪنهن سيھلي جي پرڻجڻ وقت ڳايل ڏوري جا آلاپ ۽ هوا ۾